پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري،پاڪ- ڀارت ميچ شيڊول مطابق ٿيندي: ڀارتي بورڊ

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جي پڪ ڏياريندي چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ شيڊول مطابق ٿيندي، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدار ۽ آئي پي ايل چيئرمين راجيو شڪلا نئين دهلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هماچل پرديش جي وڏي وزير سان سندن ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي ڏني ويندي،واضح هجي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميچ هماچل پرديش جي شهر ڌرم شالا ۾ رٿيل آهي پر ڪجهه ڏينهن پهرين رياست جي وڏي وزير پاڪ – ڀارت ميچ جي سيڪيورٽي کان نابري واريندي حڪومت کي اها ميچ ڪنهن ٻئي هنڌ ڪرائڻ جي درخواست ڪئي هئي،هاڻ ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊن ۾ ان حوالي سان رابطا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان حڪومت پاران سيڪيورٽي ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ قومي ٽيم ڀارت رواني ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *