پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم دمبولا ون ڊي کٽي نوان رڪارڊ جوڙيندي ايشيا جي ڪامياب ترين ٽيم پڻ بنجي وئي

دمبولا(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم دمبولا ون ڊي کٽي نوان رڪارڊ جوڙيندي ايشيا جي ڪامياب ترين ٽيم پڻ بنجي وئي آهي. ون ڊي ميچن جي تاريخ ۾ آسٽريليا 856 ميچن مان 529 ۾ ڪاميابي ماڻي پهرين، جڏهن ته پاڪستان سريلنڪا کان ون ڊي سيريز جو پهريون ميچ کٽي ڀارت کان ٻي پوزيشن کسي ورتي آهي. پاڪستان 844 ميچن مان 447  ون ڊي ميچون پنهنجي نالي ڪيون آهن ۽ 392 ۾ هارايو آهي. جڏهن ته ويسٽ انڊيز 731 مقابلن مان 373 ۾ ڪاميابين سان چوٿين نمبر تي آهي. سريلنڪا 753 ميچن مان 356 ۾ ڪاميابين سان پنجين پوزيشن تي آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا 537 ميچن مان 332 ۾ ڪاميابي ماڻي آهي ۽ انگلينڊ 650 ميچن مان 312 ميچون پنهنجي نالي ڪيون آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پڻ کٽيل ٽيسٽ ميچن ۾ 124 سان اڳتي آهي، انڊيا 122 ٽيسٽ ميچون، سريلنڪا 72 ٽيسٽون ۽ بنگلاديش 7 ٽيسٽ ميچون کٽيون آهن. ٽي ئوئنٽي ۾ به پاڪستان 52 کٽيل ميچن سان اڳتي آهي، سريلنڪا 42، انڊيا 30 ۽ بنگلاديش 12 ٽي ٽوئنٽي ميچون کٽيون آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *