پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال جنوري ۾ نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي، گرين شرٽس دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽي -20 ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي، ان سيريز دوران ويلنگٽن بيسن ريزرو اسٽيڊيم اٽڪل 11 سالن کان پوءِ ون ڊي انٽرنيشنل ميچ جي ميزباني ڪندي، جتي نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ جو شيڊول آهي، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ موجب ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي -20 ءٌ 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي- 20 سيريز جي پهرين ميچ 15 جنوري تي آڪلينڊ، ٻي ميچ 17 جنوري تي هملٽن جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 22 جنوري تي کيڏي ويندي، ان کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 25 جنوري تي بيسن ريزرو، ٻين ميچ 28 جنوري تي نيپيئر جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 31 جنوري تي آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *