پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عمر اڪمل کي معطل ڪري ڇڏيو

 

لاهور(اسپورٽس نيوز)  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي تي عمل اڪمل کي معطل ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اينٽي ڪرپشن جي ڪوڊ جي قلم 1. 7. 4 جي تحت عمر اڪمل کي فوري طور تي معطل ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ عمر اڪمل اينٽي ڪرپشن يونٽ طرفان جاري جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڪرڪيٽ بابت ڪنهن به سرگرمي ۾ حصو نه وٺي سگهندو.پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته في الحال عمر اڪمل جي حوالي سان جاچ جاري آهي ان ڪري بورڊ ان معاملي تي وڌيڪ ڪوبه بيان جاري نه ڪندو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب عمر اڪمل ڪوئٽه گليڊي ايترز جي طرفان پي ايس ايل ۾ حصو نٿو وٺي سگهي ان لاءِ جاچ جي دوران ڪوئٽه گليڊي ايٽرز کي پي ايس ايل 2020 جي لاءِ عمر اڪمل جي جڳهه ٻئي ڪنهن رانديگر جي چونڊ ڪرڻ جي اجازت هوندي.دفاعي چيمپين ڪوئٽه گليڊي ايٽرز ۽ 2 ڀيرا چيمپين رهندڙ اسلام آباد يونائيٽڊ جي وچ ۾ ايونٽ جو افتتاحي ميچ اڄ رات جو 9 بجي شروع ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *