پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سري لنڪن ڪرڪيٽ بورڊ کي باضابطه طور تي خط

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سري لنڪن ڪرڪيٽ بورڊ کي باضابطه طور تي خط لکيو آهي،جنهن ۾ اهو معلوم ڪيو ويو آهي ته ڇا سري لنڪن ڪرڪيٽ بورڊ هن سال آڪٽوبر مهيني ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم خلاف پاڪستان جي هوم سيريز جي ميزباني ڪري سگهي ٿو يا نه؟ واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجي هوم سيريز دوران ٿيندڙ خرچن ۾ گهٽتائي سبب سري لنڪا ۾ سيريز منعقد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته پي سي بي ويسٽ انڊيز خلاف سيريز سري لنڪا ۾ منعقد ڪرڻ بابت غُور ڪري رهيو آهي. نجم سيٺي جي اهڙي بيان بعد سري لنڪن ڪرڪيٽ بورڊ جو بيان سامهون آيو هو ته کين سيريز جي ميزباني ڪرڻ تي خوشِي ٿيندي. واضح رهي ته پاڪستان 2009۾ لاهور ۾سري لنڪن ڪرڪيٽ ٽيم تي ٿيل دهشتگردن جي حملي بعد پنهنجو هوم سيريز گڏيل عرب امارات ۾ کيڏڻ تي مجبور آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *