پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن ۽ آفيسرن لاءِ ڌار قانون بڻائي ڇڏيو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پي سي بي رانديگر ۽ آفيسرن لاءِ ڌار ڌار قانون بڻائي ڇڏيو،هڪ پاسي اصولن جي ڀڃڪڙي جي نالي تي عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد کي ڊگهي وقت کان ٽيم کان پري رکيو ويو،ٻئي پاسي ماٺ ۾ “اسڪ ينڊل واري ڪمري ۾ اڳوڻي بالنگ ڪوچ مشتاق احمد کي ڪلين چٽ ڏني وئي،ٽيم کي سيريز وقت يو اي اي ۾ ڇڏي ويندڙ مينيجر وسيم باري کي به ڪجهه نه چيو ويو.بورڊ اصولن جي پابندي نه ڪرڻ واري الزام ۾ احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي ٽيم کان پري ڪيو،عمر گهڻي وقت کان ٽيم کان ٻاهر رهڻ کانپوءِ جڏهن هاڻي واپس موٽيو آهي ته نوجوان رانديگرن  ان جي جڳهه وٺي ڇڏي هئي، هو پوري يو اي اي ۾ رڳو هڪ بال ئي کيڏي سگهيو،اهڙي طرح احمد شهزاد کي ۽ هاڻي وارم اپ ميچ ۾ اهليتن جي اظهار جو موقعو مليو اٿس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *