پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي ۾ ڪيس هارائڻ کانپوءِ ڀارتي بورڊ کي ڏنڊ جي رقم ڀري ڏئي ڇڏي

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۾ ڪيس هارائڻ تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي ڏنڊ جي رقم ادا ڪري ڇڏي.  پي سي بي ٻه طرفي سيريز واري معاهدي جي ڀڃڪڙي تي گذريل سال آءِ سي سي ۾ ڀارتي بورڊ خلاف 70 ملين ڊالر ڏنڊ جو ڪيس داخل ڪيو هو جنهن جو فيصلو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ خلاف اچڻ تي پي سي بي کي ڏنڊ جي رقم ادا ڪرڻي هئي.  پي سي بي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي ڏنڊ طور 20 ڪروڙ رپين مان 60 سيڪڙو رقم ادا ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته باقي 40 سيڪڙو خرچ ڀارتي بورڊ پاڻ برداشت ڪندو.  آءِ سي سي جي قانون موجب ڪيس هارائڻ جي صورت ۾ ان تي خرچ ٿيل سموري رقم ڪيس هارائڻ واري ڌر کي ئي ادا ڪرڻي پوندي آهي. رڳو اهو ئي نه پر ڪيس تي آءِ سي سي جي خرچ ٿيل 89 لک ڊالرن مان 60 سيڪڙو رقم به پي سي بي کي ادا ڪرڻي آهي، ان سلسلي ۾ پي سي بي جي گورننگ بورڊ اجلاس ۾ آءِ سي سي کي هڪ ڪروڙ 12 لک رقم ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته باقي 40 سيڪڙو رقم ڪرڪيٽ جو عالمي ادارو پاڻ برداشت ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *