پاڪستان کي بچائڻو آهي ته سمورين قوتن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: آصف زرداري

inp 03-95لاهور (بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري منصوره ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان کي پاڪستان جي باري ۾ سوچڻو پوندو ڇو ته هي وقت بدلجي رهيو آهي، دنيا تبديل ٿي رهي آهي ۽ ملڪ جي نئين سڃاڻپ بڻجي رهي آهي. پاڙيسرين ۾ ايتري مضبوطي اچي وئي آهي جيڪا پهريان ڪڏهن به نه هئي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي ايجنڊا رڳو مسئلن جو حل ۽ ملڪ جي سمورين سياسي قوتن کي گڏ ڪرڻ آهي. اسانجي ايجنڊا رڳو هڪ مسئلي جي حل تائين محدود ناهي. پاڪستان جي سمورين سياسي قوتن سان ملندس ته جيئن اسان جي پنهنجي جنگ ۾ ڪوبه شيطان اسان کي نقصان نه پهچائي سگهي. مشرقي پاڪستان اسان جي ڪمزورين سبب ٽٽو هو. سڀني دوستن کي ملائڻو آهي ته جيئن پاڪستان کي ڪير به نقصان نه پهچائي سگهي. پاڪستان کي بچائڻو آهي ته سمورين قوتن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پاڪستان کي بڻائڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻُ پوندو. اڳوڻي صدر چيو ته ڪجهه ماڻهو موجوده حالتن ۾ سياست ڪرڻ چاهين ٿا. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ هو ته 23 سالن کانپوءِ پيپلزپاري جي ڪنهن اڳواڻ منصوره جو دورو ڪيو. آصف زرداري چاهي ٿو ته سياسي معاملن جو حل نڪري. پيپلزپارٽي هميشه ملڪ  جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ سياست ڪئي. پيپلزپارٽي سياسي جرڳي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته جمهوريت جي حفاظت ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. ماضي جي رويين کي ڇڏي نئين جمهوري ڪلچر کي اپنائڻو پوندو. جيڪا پارٽي عوامي ايجنڊه ڏانهن اچي ٿي ته اُن جو ساٿ ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *