پاڪستان ڄائو برطانوي باڪسر عامر خان پنهنجي گھر واري سان گڏ اڄ لاهور پهچندو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڄائو برطانوي باڪسر عامر خان پنهنجي گھر واري سان گڏ ٿوري دوري تي جمعي ڏينهن لاهور پهچي رهيو آهي. باڪسنگ دنيا جي اسٽار پاڪستان ۾ جلوا ڏيکاريندو، عامر خان پنهنجي گھر واري فريال مخدوم سان گڏ شاديءَ کان پوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان اچي رهيو آهي، باڪسنگ اسٽار عامر خان پنهنجي فيمليءَ سان گڏ داتا درٻار تي حاضري پڻ ڀريندو. ان سان گڏوگڏ عامر خان ڇنڇر جي ڏينهن اسپورٽس بورڊ جو دورو به ڪندو ۽ اتي ٺهندڙ باڪسنگ اڪيڊميءَ جو جائزو پڻ وٺندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *