پاڪستان ڀارت ۾ ٿيل واقعن ۾ ملوث آهي ته الزام مڙهڻ بدران ثبوت فراهم ڪيا وڃن: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي کاتي جي ترجمان قاضي خليل الله چيو آهي ته پاڪ-ڀارت قومي سلامتي جي صلاحڪارن جي ملاقات لاءِ تجويز ڪيل تاريخن تي غور جاري آهي، ڪو پاڪستان ڀارت ۾ ٿيل واقعن ۾ ملوث آهي ته الزام مڙهڻ بدران ثبوت فراهم ڪيا وڃن، ممبئي حملا ڪيس جو ٽرائل اڳتي وڌائڻ لاءِ ڀارت جي وڌيڪ ثبوتن جو انتظار آهي.پرڏيهي کاتي جيترجمان اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارت قومي سلامتي جي صلاحڪارن جي ملاقات لاءِ 23 ۽ 24 آگسٽ جي تاريخ تجويز ڪئي آهي، جنهن تي غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڀارت بنا ثبوتن جي پاڪستان مٿان الزام مڙهڻ کان پاسو ڪري، جيڪڏهن ڪو پاڪستاني ڀارت ۾ ٿيل واقعن ۾ ملوث آهي ته ان جي حوالي سان ثبوت فراهم ڪيا وڃن. قاضي خليل الله چيو ته ممبئي حملا ڪيس جو ٽرائيل هلي رهيو آهي، جنهن لاءِ ڀارت جي وڌيڪ ثبوتن جو انتظار آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو ۽ ايل او سي تي جنگبنديءَ تي پڻ عمل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته افغان طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ امن ڳالهين ۾ پاڪستان سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اميد ته جلد ڳالهين وارو عمل شروع ٿي ويندو. ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ قاضي خليل الله چيو ته جيڪڏهن حڪومت ان معاملي تي ڪو ٽاسڪ ڏنو ته عمل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *