پاڪستان ڀارت ۽ افغانستان خلاف شدت پسندن کي استعمال پيو ڪري: آمريڪا جو الزام

واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪي دفاع واري وزارت الزام مڙهيو آهي ته پاڪستان هاڻي به ڀارت ۽ افغانستان جي خلاف شدت پسند تنظيمن کي استعمال ڪري رهيو آهي ۽ هي ڳالهه پوري خطي جي استحڪام لاءِ خطرناڪ آهي. پينٽاگون پاران آمريڪي ڪانگريس لاءِ هر ڇهين مهيني جاري ٿيندڙ هن رپورٽ موجب ته پاڪستان ان پراڪسي فورسز يا بلواسطه وڙهندڙ طاقتن جو استعمال افغانستان ۾ پنهنجي گهٽ ٿيندڙ اثر رسوخ جي ڪري ۽ ڀارت جي بهتر فوجي طاقت جي خلاف حڪمت عملي طور ڪري رهيو آهي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني سرحد اندر لڪل طالبان هاڻي به افغانستان ۾ حملا ڪري رهيا آهن ۽ اهو ته پاڪستان افغانستان ٻطرفو لاڳاپن لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيو آهي. پيٽاگون پاران 6 مهينا اڳ جاري رپورٽ ۾ به پاڪستان تي اهڙي قسم جا الزام مڙهيا ويا هئا پر هن رپورٽ ۾ پهريون ڀيرو چيو ويو آهي ته پاڪستان انهن شدت پسندن کي هندستان جي بهتر فوج جي خلاف حڪمت عملي جي طور تي استعمال ڪري رهيو آهي رپورٽ ۾ نريندر مودي جي تاج پوشي وقت افغانستان جي حرات شهر ۾ ڀارتي ڪونصليٽ تي حملي جو به ذڪر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *