پاڪستان ڀارت پاران دهشتگردي بابت لڳايل الزام رد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان، ڀارت پاران دهشتگرديءَ بابت لڳايل الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو،پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم جو چوڻ آهي ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، بنگلاديش سان ڪو به تڪرار ناهي. پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران تسنيم اسلم چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي، انهن ئي سبب ڪري اهو سارڪ جي مختلف ذيلي تنظيمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف سارڪ ڪانفرنس دوران پنهنجي خطاب دوران هٿيارن جي ڊوڙ بدران عوام جي ڀلائي لاءِ قدمن تي زور ڀريو. تسنيم اسلم چيو ته وزيراعظم نواز شريف سارڪ جي 6 ميمبر ملڪن جيسربراهن سان ڌار ڌار ملاقاتون به ڪيون ته جيئن گڏيل سهڪار کي هٿي ملي. پرڏيهي ترجمان چيو ته سارڪ ملڪن وچ ۾ ٽرانسپورٽ معاهدي کي پاڪستان بلاڪ ناهي ڪيو، ماهرن جي اجلاس بعد معاهدي جو اندروني طريقيڪار به پورو ناهي ٿيو پر اهو طريقيڪار پاڪستان کانسواءِ ڪجهه ٻين ملڪن به پورو نه ڪري سگهيا آهن. تسنيم اسلم چيو ته پاڪستان سڄي خطي جي ترقي لاءِ پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو،پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا برابري جي بنياد تي هوندا آهن ۽ پاڪستان انهن ئي بنياد تي ڀارت سان لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته ڀارتي گهرو وزير جا دهشتگردي بابت پاڪستان مٿان لڳايل الزام بي بنياد آهن. تسنيم اسلم چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ۽ ڀارت کي اهڙن بي بنياد الزامن کان پاسو ڪرڻ گهــُرجي ڇو ته الزامن سان مسئلا حل نه پر وڌندا آهن. پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات بهتر رهي، جڏهن ته پاڪستان جو بنگلاديش سان ڪو به تڪرار ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *