پاڪستان ڀارت سميت سڀني پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا هموار ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو: صدر

اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سميت سڀني پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا هموار ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو، حڪومت جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم مقصد اقتصادي بحالي ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ آهي. هن اها ڳالهه پرڏيهي لاڳاپن بابت ڪراچي ڪائونسل (ڪي سي ايف آر) جي وفد سان خميس ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. صدر چيو ته پاڪستان سڀني پاڙيسري ملڪن خاص طور افغانستان، ايران ۽ ڀارت سان دوستاڻي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ دلچسپي رکندو آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي کان بري طرح متاثر ٿيو آهي ۽ هو انهن ملڪن سان گڏجي ان مسئلي کي حل ڪرڻ چاهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ حڪومت جي پرامن تبديلي جي آجيان ڪئي آهي ۽ نئين حڪومت سان گڏ سڀني معاملن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ورڪنگ بائونڊري ۽ لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت پاران مسلسل سيز فائر جي خلاف ورزين جو حوالو ڏيندي صدر اوڀر سرحد تي صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ اميد جو اظهار ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا هموار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پاڪستان ڀارت سان سٺا لاڳاپا چاهيندو آهي ۽ وزيراعظم ڀارتي وزيراعظم جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪري اڳڀرائي ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ستون قائداعظم جو اهو فرمان “ اندروني امن ۽ ٻاهرين امن” آهي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جوڙيل سياسي ۽ عسڪري حڪمت عملي جي ذريعي ۽ ٻين ملڪن جي معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي جي پيروي ڪندي پاڪستان جي سلامتي جي تحفظ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. صدر ممنون حسين چيو ته حڪومت جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم مقصد ٽن اهم ترجيحن جي سرگرمي سان پيروي ڪندي اقتصادي بحالي ۽ پائيدار ترقي کي حاصل ڪرڻ آهي. جنهن ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار کي سگهه ڏيڻ، توانائي جي بحران کي حل ڪرڻ ۽ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ شامل آهن. صدر چيو ته حڪومت جي ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسيون ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش مراعتون پيش ڪن ٿيون. صدر چيو ته پاڪستان دهشتگردي کي هميشه هميشه جي لاءِ ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف جنگ ۾ انساني ۽ مادي نقصانن جي لحاظ کان بيشمار قربانيون ڏنيون آهن. هن دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ ڪامياب ضرب عضب آپريشن جي باري ۾ به وفد کي آگاهه ڪيو. هن پرڏيهي لاڳاپن بابت ڪراچي ڪائونسل ڪي سي ايف آر جي قيام کانپوءِ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. صدر چيو ته پرڏيهي پاليسي ٿنڪ ٽينڪس جي اهميت وڌندي پئي وڃي. ڇاڪاڻ جو هاڻي حڪومتن جو ماهرن جي راءِ تي ڀاڙڻ وڌي رهيو آهي ۽ ان قسم جي ادارن جي راءِ پرڏيهي پاليسي کي جوڙڻ ۽ ان تي عملدرآمد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. صدر ممنون حسين پرڏيهي لاڳاپن بابت ڪراچي ڪائونسل جي ٻارهين سالگرهه تي وفد کي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ان جي ڪوششن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڪي سي ايف آر جي وفد ۾ ٻين کانسواءِ ارجنٽائن جي سفير (سفارتي ڪور جي ڊين ۽ ڊين آف آمريڪا) روڊولفو مارٽن سراويا، قزاخستان جي سفير (ڊين آف وستي ايشيا) بخت بيگ شبار بائيوف، بحرين جي سفير (ڊين آف عرب گروپ) محمد ابراهيم عبدالقادر، يونان جي سفير (ڊين آف يورپ) پيٽروس ميورائيڊس، الجيريا جي سفير (ڊين آف آفريقن گروپ) احمد بينفلس، سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر (ڊين آف ڏکڻ ايشيا) جي لاٿ ويرا ڪوڊي، يورپي يونين جي سفير (ڊين آف يورپي يونين) لارس گنا رويگمارڪ، آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر پيٽر هائيوارڊ، ٿائيلينڊ جي سفير (وقتي ڊين آسيان ملڪ) ڊوم وٽ جارنسن، پرڏيهي لاڳاپن بابت ڪراچي ڪائونسل جو سيڪريٽري جنرل احسن مختيار زبيري شامل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *