پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پُرامن ۽ سهڪار تي ٻڌل لاڳاپا چاهي ٿو: عمران خان

اسلام آباد ( م.ڊ) وزيراعظم عمران خان ڀارتي هم منصب نريندر مودي کي جوابي خط لکي يومِ پاڪستان تي واڌايون ڏيڻ تي سندس ٿورا مڃيا آهن، خط ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پُرامن ۽ سهڪار تي ٻڌل لاڳاپا چاهي ٿو، يومِ پاڪستان تي واڌايون ڏيڻ تي نريندر مودي جا ٿورائتا آهيون، وزيراعظم عمران خان خط ۾ چيو ته، ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ ڪشمير سميت سمورن تڪرارن جو حل ضروري آهي ۽ لاڀائتين ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ به ضروري آهي، عمران خان پاران ڪورونا وبا خلاف ڀارت جي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو…..

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *