پاڪستان ڀارتي شرپسندي جو معاملو گڏيل قومن ۾ اٿاري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان لائين آف ڪنٽرول جي ويجهو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران گڏيل قومن جي مبصر گروپ جي گاڏي کي نشانو بنائڻ جي جاچ جو مطالبو ڪندي جنرل سيڪريٽري انتونيوگوتريس ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط لکي ڇڏيو پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري پاران جاري بيان موجب پاڪستان گڏيل قومن جي مبصر گروپ تي ڀارت جي قابل مذمت حملي کي باقاعده طور تي اٿاريو ويو آهي. ۽ زور ڏنو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي. بيان ۾ چيو ويو ته گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط ۾ لکيو ته گڏيل قومن تي واضح نشان واري گاڏي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو جيڪو مبصر گروپ جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي هڪ جابراڻه ۽ بزدلاڻه ڪوشش آهي پنهنجي خط ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ڀارت جي ان قدم کي پاڪستان جي خلاف ڀارت جي هڪ ٻئي ناڪام ڪارروائي کي جواز بنائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو. پرڏيهي آفيس مطابق پاڪستان جي مستقل نمائندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع جي حق جو ڀرپور استعمال ڪندو خط ۾ هن گڏيل قومن کي درخواست ڪئي ته هو مبصر گروپ تي حملي جي پروزور مذمت ڪري ۽ ڀارت سان 2003 جي جنگبندي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري بيان موجب پاڪستان ي سفير چيو ته گڏيل قومن کي مبصر گروپ کي مضبوط ڪرڻ ۽ جنگبندي جي خلاف ورزي جو اطلاع فراهم ڪرڻ ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مطالبن تي هم آهنگي جي بنياد تي مثبت جواب ڏيڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته واقعي ۾ گڏيل قومن جي گاڏي کي نقصان پهتو آهي پر عهديدار محفوظ آهن ۽ پاڪ فوج انهن کي فوري طور تي راولا ڪوٽ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.  نيويارڪ ۾ بريفنگ دوران هڪ سوال تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي نائب ترجمان فرحان الحق چيو ته گڏيل قومن جو مشن في الحال واقعي جي جاچ ڪري رهيو آهي. ڀارتي ناظم الامور تي واضح ڪيو ويو ته اهڙي عمل تي ٻڌل حرڪت بين الاقوامي اقتدار ۽ گڏيل قومن جي منشور ۾ شامل اصولن جي سراسر خلاف ورزي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *