پاڪستان پوليو ڦهلائيندڙ ملڪن ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ هڪ سال ۾ نوان پوليو ڪيس سامهون اچڻ جو 4 1 سالا ريڪارڊ ٽُٽي ويو، صحت جي عالمي اداري جي پوليو روڪٿام سيل هلندڙ سال جي جائزه رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، پاڪستان 0 2 2 پوليو ڪيسن سان سرفهرست، افغانستان 2 1 سان ٻئي ۽ نائيجيريا 6 ڪيسن سان ٽئين نمبر تي رهيو. صحت جي عالمي اداري جي پوليو روڪٿام سيل طرفان هلندڙ سال جي جاري ڪيل جائزه رپورٽ موجب هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوري دنيا کان وڌيڪ پوليو جا ڪيس سامهون آيا جنهن سان پوليو جي ڪيسن جو 4 1 سالا ريڪارڊ ٽُٽي ويو، رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هلندڙ سال 0 2 2 ڪيس، افغانستان ۾ 2 1 ۽ نائيجيريا ۾ 6 ڪيس سامهون آيا. رپورٽ موجب پاڪستان پوليو جي خاتمي لاءِ ڪافي قدم کنيا آهن ۽ ٽرانزٽ پوائنٽس تي 0 1 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي پوليو کان بچاءَ جا حفاظتي قطرا پيارا ويا. ياد رهي ته صحت جي عالمي اداري طرفان پهرين ئي پاڪستان تي ٻاهرين ملڪ سفري پابنديون لڳايون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *