پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ سريلنڪا کي 29 رنسن سان هارائي ٻِن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي ماڻي ورتي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ سريلنڪا کي 29 رنسن سان هارائي ٻِن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي ماڻي ورتي. ڪولمبو جي پريمادا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي کٽڻ جي لاءِ 176 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو، جنهن جي جواب ۾ سريلنڪا طرفان ڪشال پريرا ۽ دلشانن بيٽنگ جي شروعات ڪئي، پريرا پهرين ئي اوور ۾ انور عليءَ جو شڪار بڻيو، هن صرف 4 رنسون ٺاهيون، ٻئي اوور ۾ سهيل تنوير دلشان کي به 6 رنسن تي آئوٽ ڪيو ۽ ڪيٿروان ويٿانگي کي به سهيل تنوير ئي آئوٽ ڪيو. سريلنڪا جون 3 وڪيٽون صرف 19 رنسن تي ڪرڻ کان پوءِ اينجلو ميٿيوز ۽ ڊي ڊي سلوا سان گڏجي 36 رنسن جي ڀائيواري جوڙي پر ميٿيوز 23 ۽ ڊي سلوا 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ملينڊاسري وارنداني آخري لمحن ۾ متاثر ڪندڙ راند پيش ڪئي پر هو به صرف 35 رنسون ئي ٺاهي سگھيو. پاڪستان طرفان سهيل تنوير3، انور عليءَ 2 جڏهن ته شعيب ملڪ ۽ عماد وسيم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ پاڪستان ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريديءَ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 175 رنسون ٺاهيو، احمد شهزاد ۽ مختار احمد اننگ جي شروعات ڪئي پر مختار احمد 2 رنسن تي آئوٽ ٿيو، جنهن کان پوءِ احمد شهزاد ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي 46 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته محمد حفيظ صرف 17 رنسون ٺاهي سگھيو. شعيب ملڪ ۽ عمر اڪمل مڊل آرڊر تي سٺي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 81 رنسن جي ڀائيواري جوڙي ته عمر اڪمل 46 رنسن تي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته شعيب ملڪ 46 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. جڏهن ته سهيل تنوير کي 3 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، واضح رهي ته اڄوڪي ميچ ۾ ٽي ٽوئنٽي جي نائب ڪپتان سرفراز احمد کي ميچ مان ڊراپ ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *