پاڪستان پن بجلي جي پيداوار صلاحيت ۾ تازي واڌ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ ٽئين نمبر تي رهيو: رپورٽ جاري

لاهور (اين اين آءِ) انٽرنيشنل هائڊرو پاور ايسوسئيشن عالمي سطح تي پن بجلي جي حوالي سان تازي رپورٽ جاري ڪئي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پن بجلي پيدا ڪرڻ واري صلاحيت ۾ تازي واڌ سان پاڪستان سڄي دنيا ۾ ٽئين نمبر تي رهيو، ڄاڻايل رپورٽ 2019 هائڊرو پاور اسٽيٽس رپورٽ، سيڪٽر ٽرينڊز اينڊ انسٽائيم جي عنوان سان جاري ڪئي وئي آهي، يونيسڪو جي احتمام هيٺ 1995 ۾ انٽرنيشنل هاءِ ڊرو پاور اسيوسئيشن جي نالي سان قائم ٿيل هي فورم سڄي دنيا پن بجلي جي حوالي سان بهترين تجربا ڪري رهيو آهي، انٽر نيشنل هائڊور پاور ايسوسئيشن جي رپورٽ ۾ پن بجلي جي تازي واڌ جي حوالي سان ٽاپ 20 ملڪن جي لسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2018 ۾ پاڪستان مختلف منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان قومي نظام ۾ 2487 ميگاواٽ پن بجلي ۾ واڌ ڪئي، چين سڄي دنيا ۾ پهرين نمبر تي رهيو، جنهن پنهنجي نظام ۾ 8540 ميگاواٽ پن بجلي ۾ واڌ ڪئي، جڏهن ته 3866 ميگاواٽ پن بجلي واڌ سان برازيل لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي آهي، هڪ هزار 5 سئو ميگاواٽ پن بجلي واڌ سان ترڪي چوٿين، جڏهن ته 688 ميگاواٽ پن بجلي واڌ سان انگولا 5 نمبر تي رهيو، ڀارت لسٽ ۾ 8 نمبر تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *