پاڪستان پاران ڀارت جون سازشون سفارتي سطح تي بي نقاب ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته اقتصادي راهداري بڻجڻ جي خوشخبري ڀارت لاءِ سوڳ جي خبر آهي. قومي يڪجهتي ۽ اقتصادي خوشحالي سان ئي پاڪستان جي ترقي ۽ بقا ممڪن آهي. پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سرحد پار مسلمانن جي بدحالي ڏسي پاڪستان جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پاڪستان جي ايٽمي قوت بڻجڻ سان ڀارت جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملي ويندا. هن چيو ته اقتصادي راهداري بڻجڻ جي خوشخبري ڀارت لاءِ سوڳ جي خبر آهي. ڀارت جون سازشون سفارتي سطح تي بي نقاب ڪنداسين. هن چيو ته صحيح اسلامي تشخص سان ئي دهشتگردي مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. نوجوان نسل کي اسلامي اساس ۽ نظريه پاڪستان کان رشناس ڪرائڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *