پاڪستان پاران آمريڪا-ڀارت لاجسٽڪ ۽ ميري ٽائم معاھدو خطري جي گھنٽي قرار

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ناصر خان جنجوعا چيو اهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي سعودي فوجي اتحاد جي سربراهه جي طور تي مقرري مسلم ملڪن لاءِ خوش آئيند ثابت ٿيندي اڳوڻي آڙمي چيف سعودي فوجي اتحاد جو اڳواڻ ٿيندو ته مسلمانن جي اتحاد ۽ ٻڌي کي هٿي وٺرائڻ جو سبب بڻبو اسان کي هر صورت افغانستان سان لاڳاپا بهتر رکڻا پوندا  افغانستان ۾ پائيدار امن سان ئي روس ۽ وچ ايشيائي رياستن کي سي پيڪ مان فائدو ٿيندو آمريڪا جو ڀارت مان لاجسٽڪ ۽ ميري ٽائيم معاهدو خطري جي گهنٽي آهي سومر تي ميري ٽائيم سيڪيورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن راحيل شريف سعودي فوجي اتحاد جو سربراهه بڻجي ٿو ته هو مسلمانن جي ٻڌي کي هٿي وٺرائڻ جو سبب بڻبو هن چيو ته راحيل شريف پنهنجن تجربن ۽ سوچ سان مسلم ملڪن جي غلط فهمين کي ختم ڪندو جنهن سان ايران سميت اتحاد مخالف ملڪن کي به فائدو ٿيندو هن چيو ته اسان کي هر صورت ۾ افغانستان سان لاڳاپا بهتر رکڻا پوندا. علائقائي منظرنامي ۾ پاڪستان جي اهميت کي اجاگر ڪندي ناصر خان جنجوعا چيو ته پاڪستان خطي جي وڌيڪ ملڪن لاءِ پرڏيهي دنيا تائين رابطن جو گيٽ وي آهي هن چيو ته ڏکڻ چيني سمنڊ جو 90 سيڪڙو واپار ۽ ان علائقي ۾ منتقل ٿي رهيو آهي ان ڪري اسان کي پنهنجي ساموندي سلامتي ۽ انهن سمورن ڪوششن کي ذهن ۾ رکي ان کي تيار ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان نيوي کي خطي ۾ انتهائي باصلاحيت نيوي قرار ڏيندي چيو ته اسان تعاون جي فضا کي ترجيحي ڏبي. هن چيو ته پاڪستان وڏي عرصي کان دهشتگردي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي گذريل 38 سالن کان پاڪستان افغانستان ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کان متاثر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *