پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريديءَ پاران ڪراچيءَ جي جناح اسپتال جو دورو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريديءَ ڪراچيءَ جي جناح اسپتال جو دورو ڪيو، شاهد آفريديءَ طرفان مختلف وارڊن ۾ مريضن جي عيادت ڪئي وئي. ان موقعي تي شاهد آفريديءَجو چوڻ هو ته اسپتال جي حالت ڏسي کيس تمام گھڻو ڏک ٿيو آهي، هن اسپتال لاءِ 20 لک رپين جيو عطيو به ڏنو. اسپاٽ فڪسرن بابت ڳالهائيندي شاهد آفريديءَ جو چوڻ هو ته پي سي بي انهن بابت سوچي سمجھي فيصلو ڪري، ڇو ته هلندڙ ۽ ايندڙ نسل جي مستقبل جو مامرو آهي، ان جي ڪري اسپاٽ فڪسرن جو ملڪي ٽيم ۾ کيڏڻ سان سڀني جا کٽڪا وڌندا، جڏهن ته ڪافي رانديگرن پڻ انهن سان کيڏڻ کان انڪار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *