پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ بنگلاديش کي ڪلين سوئپ ڪري ڇڏيو

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان عورتن واري ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽئين ميچ ۾ به بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيريز 0-3 تان کٽي ورتي آهي.پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم هوم گرائونڊ تي تاريخ لکندي بنگلاديش وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي خلاف ڪلين سوئپ مڪمل ڪري ورتي. ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ پاڪستان جي ٽيم 20 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪري پاڻ کي رڪارڊ بڪ جو حصو بنائي ڇڏيو. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏجندڙ ٽي ٽوئني سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ جو ٽاس پاڪستان کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 117 رنسون ٺاهيون، جويريه خان 48 بالن تي 54 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، بنگلاديش جي طرفان جهان آرا عالم 3 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون ۽ رومانه احمد 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويون.حدف جي پويان بنگلاديش جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 88 رنسون ئي ٺاهي سگهي ۽ ائين پاڪستان ميچ 20 رنسن تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. بنگلاديش جي طرفان نگار سلطانه 30 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي پاڪستان جي طرفان صبا نذير ۽ انعم امين 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جويريه خان کي بهترين راند کيڏڻ تي وومين آف دي ميچ سان نوازيو ويو جڏهن ته بنگلاديش جي جهان آرا عالم کي وومين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *