پاڪستان ٽيم لاءِ انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز اهم بڻجي وئي

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ٻيو نمبر بچائڻ لاءِ انگلينڊ خلاف 1-2 تان سيريز کٽڻ لازمي بڻجي وئي،انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز کٽڻ کانپوءِ ون ڊي سيريز جي ناڪام قومي ٽيم تي پريشر هوندو،پر قومي ٽيم جي ڪپتان شاهد خان آفريدي جو چوڻ آهي ته ٽيم جو ڪامبينيشن بهتر آهي، سڀ رانديگر محنت سان کيڏي رهيا آهن،انشاالله انگلينڊ خلاف ڪاميابي ماڻينداسين،.ڪرڪيٽ ماهرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انگلينڊ ٽيم پاڪستان کي سيريز ۾ هارائي ٿو وڃي ته پاڪستان ٽيم چوٿين نمبر تي هليو ويندو ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ کي وائيٽ واش ڪري ٿي ته انگلينڊ ڇهين نمبر تي هلي ويندي،ڪرڪيٽ ماهرين جو اهو به چوڻ آهي ته ٻنهي ٽيمن لاءِ هي سيريز اهم ٿي وئي آهي، ان لاءِ رانديگرن کي سخت محنت جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ميچن واري سيريز سڀاڻي کان گڏيل عرب امارات ۾ ٿي رهي آهي، سيريز جون پهريون ٻه ميچون دبئي ۾ کيڏيون وينديون،پاڪستان121 پوائنٽس سان آئي سي سي ڪرڪيٽ ڪائونسل جي رينڪنگ ۾ ٻئين ۽ انگليند 107 پوائنٽن سان 8 نمبر تي آهي.جڏهن ته سريلنڪا 126 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي موجود آهي، پاڪستان کي ٻيو نمبر بچائڻ لاءِ انگلينڊ خلاف سيريز کٽڻ لازم بڻجي ويو،جيڪڏهن پاڪستان انگلينڊ هٿان 1-2 تان مات کائي ٿو ته پوءِ انگلينڊ ڇهين نمبر تي ۽ پاڪستان چوٿين نمبر تي اچي ويندو،پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جيڪڏهن سيريز کٽي ٿو ته 126 پوائنٽون کڻي سريلنڪا سان گڏ  ٻئي نمبر تي ايندو ۽ پنهنجي پهرين نمبر جي پوزيشن چٽي ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *