پاڪستان ٽيم سڀ کان وڌيڪ 123 ٽيسٽ ميچون کٽيندڙ ايشيائي ٽيم جو اعزاز ماڻي روايتي مخالف ڀارت کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو

گال (اسپورٽس نيوز) گال ٽيسٽ کٽڻ کان پوءِ پاڪستان ٽيم سڀ کان وڌيڪ 123 ٽيسٽ ميچون کٽيندڙ ايشيائي ٽيم جو اعزاز ماڻي روايتي مخالف ڀارت کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. پاڪستان 9 سالن کان پوءِ سريلنڪا کي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏني. مصباح اليون کي اهڙو اعزاز به ملي ويو آهي ته اها واحد ٽيم آهي جنهن سريلنڪا کي ان جي سرزمين تي ٽِيسٽ ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان مات ڏني هجي. ڪپتان مصباح الحق ٽيست ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ 40 کان وڌيڪ عمر ۾ ڪپتان طور پنج ٽيسٽ ميچون کٽيندڙ واحد رانديگر به بڻجي ويو. پاڪستان جو ٻِن اننگ ۾ رن ريٽ 8.11 رهيو جيڪو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ڪنهن به ٽيم جو بهترين ڪارنامو آهي. آءِ لينڊرن کي لوها چڻا چٻرائيندڙ ملڪي ٽيم جي ليگ اسپنر ياسر شاهه 76 رنسن عيوض 7 وڪيٽون وٺي سريلنڪن سرزمين تي ڪامياب ترين ليگ اسپنر بڻجي ويو آهي. نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد، ڪامران اڪمل کان پوءِ ٻيون پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين بڻجي ويو آهي، جنهن ڪنهن ٽيسٽ ميچ ۾ مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ماڻيو هجي. پهرين اننگ ۾ اهم موقعي تي ففٽي هڻندڙ 36 سالا اسپنر ذوالفقار بابر 10 هين وڪيٽ تي ففٽي اسڪور ڪندڙ وڏي عمر جو رانديگر بڻجي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *