پاڪستان ٽن سالن ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن: چوڌري نثار

اسلام آباد(اي پي پي)   وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته هٿياربند فوجن، پوليس، سول آرمڊ فورسز ۽ قوم جي جرات مند جدوجهد ۽ قربانين جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت دهشتگردي جي لعنت خلاف نيشنل ايڪشن پلان پيش ڪيو، اربع ڏينهن هتي پاڪستان ۽ برطانيه جي ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي سيمينار جنهن جو موضوع “استحڪام ۽ امن ڪاوشن جي حوالي ان تجربن جي مٽا سٽا”  هو، جي صدارت ڪندي هن چيو ته بين الاقوامي برادري اسلام کي هدف بڻائڻ جي رجحان جي حوصله شڪني ڪري ۽ اسلام فوبيا مان ٻاهر اچي، دنيا ۾ هڪ ارب 20 ڪروڙ مسلمان دهشتگردي جي لعنت سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا، هن چيو ته بين  الاقوامي برادري پراڻن علائقائي مسئلن کان لا تعلق نه ٿي رهي سگهي، هن چيو ته اسان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن  کان علائقائي سلامتي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، افعنستان تي سويت جي يلغار يا امريڪي ڪارروائي کان بعد جي صورتحال ۾ پاڪستان کي عالمي برادري اڪيلو ڇڏي ڏنو، پاڪستان فرنٽ لائين اسٽيٽ جو ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته عالمي برادري ٺلهيون ڳالهيون ڪيون، هن چيو ته ڪا به جنگ کٽڻ لاءِ مڪمل اتحاد جي ضرورت هوندي آهي، سول ۽ عسڪري قيادت وچ ۾  بهتر رابطي ۽ معاشي جي سڀني طبقن جي حمايت عيوض گذريل ساڍن ٽن سالن دوران پاڪستان ڪاميابيون حاصل  ڪيون، پاڪستان آپريش ضرب عضب ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. عالمي اهڃاڻن مطابق پاڪستان ۾ دهشتگردي جي گراف ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي، اسان کي  پنههجن ڪوششن لاءِ عالمي برادري جي حمايت جي ضرورت آهي، هن چيو ته آپريشن ضرب عضب شروع ڪرڻ کان اڳ حڪومت ڳالهين جا سمورا آپشنز استعال ڪيا، ڳالهين جي عمل جي نتيجن پوري تناظر ۽ عوامي راءِ کي تبديل ڪيو، هن چيو ته عالمي برادري آزادي جي جدوجهد ۽ دهشتگردي وچ ۾ فرق واضح ڪري. هن چيو ته دين اسلام کي هدف بڻائڻ ۽ ان دهشتگردي سان ڳنڍڻ غير مناسب ۽ افسوسناڪ آهي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *