پاڪستان وائٽ ڪالر ڪرائيم جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي: عمران خان

بيجنگ (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چين جي ميگا منصوبا جا ثمر عوام تائين پهچائڻ لاءِ پنج نقطا پيش ڪرڻ لاءِ چيو آهي ته موسم جي تبديلين جا اثر گهٽائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون، سياحت کي هٿي وٺرائڻ ڪرپشن۽ وائيٽ ڪالر ڪرائيمز جي خلاف گڏيل حڪمت عملي، غربت کي گهٽائڻ لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ ماحول بهتر بنائڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي اڳئين فيز ڏانهن وڌي رهيو آهي جنهن ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ هوندو بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي سان پاڪستان ۾ توانائي بحران ۾ گهٽتائي ۽ چين جي سهڪار سان گوادر تيزي سان دنيا جو واپاري مرڪز بڻجي رهيو آهي سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي ۾ چين سان آزاد واپار جو معاهدو ٿيندو وائيٽ ڪالر ڪرائيم ئي ترقياتي ڪمن کي برباد ڪري ٿو خاتمي لاءِ پاڪستان ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪارن کي بهترين موقعا فراهم ڪري رهيو آهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا اسان جي گهاٽي دوستي پاٽنرشپ ۽ ڀائراڻا لاڳاپا هر قسم جي چئلينج دوران اهڙي طرح مضبوط ۽ محفوظ رهندا جملي تي بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ آزاد واپار جو معاهدو اهميت وارو هوندو اسان بنيادي سرشتي ريلوي، آءِ ٽي ۽ توانائي ۾ چين سان سهڪار چاهيون ٿا ان سان گڏ زراعت صحت ۽ تعليم ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ چاهيون ٿا وزراعظم عمرانخ ان چيو ته غربت گهٽائڻلاءِ پاڪستان ۾ احساس جي نالي سان هڪ پروگرام شروع ڪيو آهي جيڪو چين جي ماڊل کان متاثر ٿي شروع ڪيو ويو آهي ڇو ته چين 30 سالن کان گهٽ عرصي ۾ 800 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي اسان خانگي شعبي جي پاٽنرشپ سان اقتصادي ۽ سماجي ترقي جا حدف حاصل ڪري رهيا آهيون وزراعظم چيو ته هڪ خطو هڪ شاهره جو چين جي صدر جو ويزن دانشمندي گڏيل عزت ۽ احترام ۽ خوشحالي جو ماڊل آهي هن چيو ته اسان موسمياتي تبديلي جي اثرن تي ڪنٽرول ڪرڻ کي بنيادي اهميت ڏيئي رهيا آهيون جنهن تي اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان گذريل پنجن سالن دوران هڪ صوبي خيبرپختونخواهه ۾ 5 ارب ٻوٽا لڳايا آهن جڏهن ته ايندڙ پنجنس الن دوران سڄي ملڪ ۾ 10 ارب ٻوٽا لڳايا ويندا هن چيو ته فورم ۾ شريڪ ملڪ گڏجي موسمياتي تبديلين جي نقصانن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسان سان تعاون ڪن وزراعظم عمران خان چيو ته اسان سياحت جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيئي رهيا آهيون جنهن سان ماڻهن جا ماڻهن سان رابطا بحال ٿيندا فورم ۾ شريڪ ملڪ پاڪستان ۾ سياحت وڌائڻ ۾ سهڪار ڪن. عمران خان تقريب ۾ ويٺلن کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان وائيٽ ڪالر ڪرائيم ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي ڇو ته وائيٽ ڪالر ڪرائيم ئي ترقياتي ڪمن کي برباد ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته هن وقت تائين 122 ملڪ ۽ 49 دنيا جي تنظيمن بي آر آءِ منصوبي تي صحيحون ڪيون آهن ۽ هي هڪ تاريخي ۽ يادگار اڳڀرائي آهي هن چيو ته پاڪستان کي هن تبديلي ۾ چين سان سهڪار تي فخر آهي اسان بي آر آءِ جي پهرين ۽ پرجوش حامين ۾ آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *