پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي رياست آهي، جوهري اثاثا محفوظ آهن: آرمي چيف

راولپنڊي(بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف نيوڪلئير سيڪيورٽي جي سينٽر آف ايڪسيلينس جو دورو ڪيو. آئي ايس پي آر پاران راولپنڊي کان جاري بيان مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف نيوڪلئير سيڪيورٽي جي سينٽر آف ايڪسيلينس جي دوري جي موقعي تي ايٽمي اثاثن جي بهتري ۽ حفاظتتي اعتماد جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته  ايٽمي سلامتي مقدس ذميواري آهي. پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي رياست آهي. سينٽر فار ايڪسيلينس جي ٺهڻ کانپوءِ ڪيترن ئي تربيتي ڪورسز جو اهتمام ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جو دورو ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن ليفٽيننٽ جنرل مظهر جميل آرمي چيف جي آجيان ڪئي. ان دوران آرمي چيف جديد سهولتن ۽ تربيتي سرگرمين جو جائزو ورتو ۽ جديد تربيت جي چڪاس به ڪئي. آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان نيوڪلئير سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن ۽ ادارو هن وقت تائين ڪيتريون ئي عالمي تربيتون ۽ ڪورسز پورا ڪرائي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *