پاڪستان محفوظ ملڪ آهي، پاڪستان جي دوري دوران عوام کان گهڻو پيار مليو: چئرمين زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ

هراري(اسپورٽس نيوز) چئرمين زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ ولسن مانا سي، جو چوڻ آهي ته پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي اتي اسان کي ڪو به خطرو محسوس نه ٿيوهو، جڏهن ته بهتر سيڪيورٽي ۽ انتظامن تي اسان پاڪستاني حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هراري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ جي چئرمين چيو ته اسان پاڪستان جي دوري تان محفوظ پنهنجي وطن ۾ پهتا آهيون، دوري جي دوران اسان جي ڀرپور مهمان نوازي ڪئي وئي ۽ عوام پاران تمام گهڻو پيار پڻ مليو. هن چيو ته پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي ۽ اتي اسان جي ٽيم کي ڪو به خطرو محسوس نه ٿيو جڏهن ته سيريز دوران حڪومت ۽ پي سي بي پاران بهترين سيڪيورٽي جي انتظامن تي اسان پاڪستان جا ٿورائتا آهيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *