پاڪستان قازقستان جي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو: نواز شريف

آستانه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان قازقستان جَي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن کي واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ گهـُرجي، قازقستان جي صدر نور سلطان جو چوڻ آهيته پاڪستان جي دوستي کي هـُو قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ ان جي پرڏيهي پاليسي واکاڻ جوڳي آهي. قازقستان جَي راڄڌاني واري شهر آستانـه ۾ صدر نور سلطان سان وزيراعظم ميان نواز شريف ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻـه طرفن لاڳاپن ۽ سڪيورٽي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو ته پاڪستان قازقستان جَي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. نواز شريف چيو ته ٻنهي ملڪن کي واپار سميت ٻين شعبن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ گهرجي. قازقستان جي صدر نور سلطان چيو ته هو پاڪستان جي دوستي وڏو قدر ڪن ٿا. نور سلطان چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان تاريخي رشتي ۾ جڙيل آهن، جيڪو ڪڏهن به ختم نٿو ٿي سگهي. قازقستان جي صدر نور سلطان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي واکاڻ پڻ ڪئي. ان کان اڳ آجياڻي واري تقريب شرڪت لاءِ صدارتي محل پهچڻ تي وزيراعظم ميان نواز شريف جي شاندار آجيان ڪئي وئي. استقبال کانپوءِ قازقستان جي فوجي جي جٿن وزيراعظم ميان نواز شريف کي سلامي پڻ پيش ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *