پاڪستان فلم انڊسٽري جي بحالي تيزي سان شروع ٿي وئي آهي : سيد نور

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ۽ نامياري هدايتڪار سيد نور چيو آهي ته پاڪستان فلم انڊسٽري جي بحالي تيزي سان شروع ٿي وئي آهي ۽ نون تعليم يافته ٽيلنٽ فلم انڊسٽري جو رخ ڪري رهيو آهي. اي پي پي سان ڳالهائيندي سيد نور چيو ته ڪيتريون ئي فلمون ڪراچي ۽ لاهور ۾ تيار ٿيون آهن جن مان ڪافي ڪامياب ٿيون آهن جڏهن ڪجهه تياري هيٺ آهن. سيد نور چيو ته نين سينيمائن جي تعمير فلم انڊسٽري لاءِ سٺو سنئوڻ آهي جيڪي فلم انڊسٽري جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ڪري رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *