پاڪستان شرط پورا ڪري ڇڏيا، آءِ ايم ايف طرفان هڪ ارب ڊالر جي قسط جاري ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (م.ڊ) اڄ آمريڪي رياست واشنگٽن ۾ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان کي قرض پروگرام جي بحالي ۽ هڪ ارب ڊالر جي قسط جاري ڪرڻ بابت فيصلي جو امڪان آهي. پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ کي خود مختياري ڏيڻ سميت آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪيون آهن، پاڪستان ڪهڙا شرط پورا ڪيا آهن؟، قرض پروگرام جي بحاليءَ لاءِ آءِ ايم ايف جي شرطن موجب پاڪستان 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ ٽيڪس وصولين جو هدف 271 ارب رپين مان وڌائي 6100 ارب رپيا ڪيو آهي، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جو هدف 600 ارب رپين مان گهٽائي 356 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، پي ڊي ايل 4 رپيا في ليٽر في مهيني وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، هن کان علاوه ترقياتي بجيٽ ۾ 200 ارب رپين جي گهٽتائي کان علاوه بجلي ۽ گيس جي بلن ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي، آءِ ايم ايف جي مطالبي تي ڪورونا فنڊز جون آڊٽ رپورٽون آڊيٽر جنرل جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيون ويون آهن ۽ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ لاءِ شيڊول 5، 6، 7، 8 ۽ 9 ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن، اهڙي طرح سمورا قدم کڻي آءِ ايم ايف جو سموريون شرطون پوريون ڪيون ويون آهن، هاڻي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري سان پاڪستان کي فوري طور تي هڪ ارب ڊالر جو قرض جاري ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏ قرض بحالي جو پروگرام به شروع ڪيو ويندو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *