پاڪستان سپر ليگ سعيد اجمل لاءِ خوشيون کڻي ايندي: مصباح الحق

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ٽيسٽ ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته عالمي ڪرڪيٽ  کان محروم ٿيندڙ سعيد اجمل لاءِ پي ايس ايل خوشيون کڻي ايندي،ڇوته دبئي ۽ شارجا جيپچن تي سعيد اجمل پهرين به کيڏي چڪو آهي.ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مصباح الحق پاڪستان سپر ليگ ۾ اسلام آباد جي ٽيم جو ڪپتان آهي ۽ سعيد اجمل به ساڳئي ٽيم جو حصو آهي،ان موقعي تي مصباح الحق چيو ته سعيد اجمل جي ڪيرئير جو وڏو احساس آهي ۽ جڏهن به اڪيلائي ۾ ويهندو آهيان ته پنهنجي قومي هيرو جي باري ۾ سوچيندو آهيان،سعيد اجمل جو ڪيرئير بچائڻ ۾ کيس مدد ڪنداسين.ياد رهي ته اسپن بالر سعيد اجمل جي بالنگ ايڪشن تي آڱريون کجڻ کانپوءِ کيس ٻانهن ڦيرائڻ جي رپورٽ ڪرائي وئي هئي.رپورٽ کانپوءِ سعيد اجمل کي بالنگ ايڪشن ۾ تبديلي ڪرڻي پئي ۽ جنهن سبب اڳ جيان ڪارڪردگيءَ نه ڏيکارڻ تي لاڳيتو ٽيم مان ٻاهر رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *