پاڪستان سمورن پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپا چاهي ٿو، ڪجهه عنصر چاهين ٿا ته پاڪستان سمورين سرحدن تي ڦاٿل رهي : شاهه محمود

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان سمورن پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپا چاهي ٿو، ڪجهه عنصر چاهين ٿا ته پاڪستان سمورين سرحدن تي ڦاٿل رهي.  قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڪجهه عنصر نه ٿا چاهين ته پاڪستان جا ايران سان سٺا لاڳاپا هجن، ڪجهه عنصر چاهين ٿا ته پاڪستان سمورين سرحدن تي ڦاٿل رهي. هن چيو ته ڀارت طرفان روزاني جنگبندي جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، افغانستان سان سرحد تي تار لڳائي پئي وڃي، ايران سان به سرحد بابت معاملا هلي رهيا آهن،پاڪستان سمورن پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپا چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪجهه عنصر چاهين ٿا ته پاڪستان، افغانستان ۽ ايران سان به ڦاٿل رهي، ايراني پرڏيهي وزير سان منهنجون چار ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، ايران سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو.  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته تربت ۾ نئين هيڊ ڪوارٽر جو فيصلو ٿي چڪو آهي، ايراني سرحد تي شرپسندي جي ازالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ايران جي سرحد تي شرپسندي جي ازالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ايران جا پاڙيسري ملڪن سان پنهنجا نوعيت جا لاڳاپا آهن، تازي ايران جي دوري سان گهڻو فائدو ٿيو آهي، دوري سان غلط فهمين جو خاتمو ٿيو آهي.  شاهه محمود قريشي چيو ته مخالف ڌر گڏجي ويهي ته جيئن احتساب انتقام نظر نه اچي، عوام ڪرپٽ ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي چاهي ٿو، احتساب جي عمل کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، احتساب جي نئين قانون تي مخالف ڌر سان سهڪار لاءِ تيار آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *