پاڪستان سريلنڪن بورڊ پريزيڊنٽ اليون خلاف ٽوئر ميچ جي پهرين ڏينهن پاڪستاني بيٽنگ لائين جا پول پڌرا ٿي ويا

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سريلنڪن بورڊ پريزيڊنٽ اليون خلاف ٽوئر ميچ جي پهرين ڏينهن پاڪستاني بيٽنگ لائين جا پول پڌرا ٿي ويا ۽ سموري ٽيم 247 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڪولمبو ۾ سريلنڪن بورڊ پريزيڊنٽ اليون خلاف ٽِن ڏينهن واري ٽوئر ميچ کان پهريان پاڪستاني ڪپتان مصباح الحق ٽاس کٽي پهريان کيڏڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو. دبئيءَ جي وڪيٽن تي رنسن جو ڍڳ لڳائيندڙ محمد حفيظ سريلنڪا پهچندي ئي فارم وڃائي ويٺو ۽ 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، اظهر علي به گھڻو وقت وڪيٽ تي ڄمي نه سگھيو ۽ 39 اسڪور تي 12 رنسن تي آئوٽ ٿيو. ان موقعي تي احمد شهزاد ۽ يونس خان بيٽنگ لائين کي سنڀاليو ۽ ٽين وڪيٽ لاءِ 113 رنسن جي ڀائيواري جوڙي اسڪور کي 152 تائين پهچايو. پاڪستان کي ٽيون نقصان يونس خان جي صورت ۾ ٿيو، جيڪو 64 رنسن کان پوءِ ملندا سري وردانا جي وڪيٽ بڻيو، جڏهن ته 176 اسڪور تي احمد شهزاد جي اننگ 82 رنسن تي پوري ٿي. احمد شهزاد جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ ڪو به پاڪستاني بيٽسمين ڪريز تي ڄمي نه سگھيو ۽ سموري ٽيم 247 تي ڍير ٿي وئي. مصباح 15، اسد شفيق 27، سرفراز احمد 12، وهاب رياض 13، ياسر شاهه 9 ۽ جنيد خان 5 رنسون ٺاهي پويلين ڀيڙا ٿيا. پاڪستان جي ٿڌا ويڙهه جيفري وينڊر 5 وڪيٽون وٺي ڪئي. جواب ۾سريلنڪن پريزيڊنٽ اليون جي شروعات به سٺي نه رهي سندسن اوپنر دمٿ ڪرونا رتني ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو، ان کان پوءِ ڪشال سلوا ۽ اپل ٿرنگا ڏينهن جي پڄاڻيءَ تائين ڪا وڪيٽ ڪرڻ نه ڏني. پهرئين ڏينهن جي پڄاڻي ٿي ته سريلنڪا هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 44 رنسون ٺاهيون هيون ۽ کين ٽارگيٽ لاءِ وڌيڪ 203 رنسون گھربل هيون. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽِن ٽيسٽ ميچن واري سيريز جي شروعات 17 جون کان گال ۾ ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *