پاڪستان سريلنڪا ٽيسٽ: ڪراچي جي شهرين ٽريفڪ لاءِ سيڪيورٽي پلان جاري

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ کيڏجندڙ ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ ٽي هزار 647 اهلڪارن آفيسر سيڪيورٽي لاءِ تعنيات ڪيا ويا آهن.جنهن ۾ 12 گهوڙي سوار ۽ 66 ليڊي پوليس اهلڪار پڻ شامل آهن. پوليس ترجمان ٻڌايو ته 175 پوليس موبائيلز ۽ 41 موٽر سائيڪلن جو گشت تي مقرر ڪيا ويا آهن.جڏهن ته 34 ايس ايس پيز، ايس ايس پيز ۽ 69 ڊي ايس پيز ڊيوٽي تي مقرر ڪيا ويا آهن. پوليس ترجمان جي مطابق اسٽيڊيم اچڻ واري پنهنجي قومي شناختي ڪارڊ کڻي اچڻ لازمي آهي ٻي صورت ۾ بنا شناختي ڪارڊ جي اجازت نه ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *