پاڪستان سخت ترين معاشي حالتن مان نڪري آيو آهي چين جا ٿورائتا آهيون: عمران خان

بيجنگ (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان مشڪل اقتصادي حالتن مان نڪري چڪو آهي ان حوالي سان چين جي مالي تعاون کي به فراموش نه ڪنداسين پاڪستان ۽ چين هر قسم جي موسمن جا دوست آهن اربع تي وزيراعطم عمرانخ ان چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ چين لاڳاپا خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ملاقات ۾ وزيراعظم ڪشمير جي معاملي تي اصولي موقف اختيار ڪرڻ تي چين جي صدر ۽ ان جي حڪومت جا ٿورا مڃيا وزيرياعظم چيو ته مشڪل حالتن ۾ چين هر سطح تي سدائين پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي هن چين جي صدر کي ملڪ جي موجوده اقتصادي صورتحال بابت ٻڌايو ۽ چيو ته پاڪستان مشڪل اقتصادي حالتن مان نڪري چڪو اهي. وزيراعظم چيو ته چين اسان جي قومي مفادن جي مدد ڪرڻ تي اسان کان ڪڏهن به ڪوئي مطالبو ناهي ڪيو ۽ پاڪستان جي غير مشروط مدد ڪئي آهي عمران خان چيو ته چين پاڪستان کي مشڪل اقتصادي صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ هڪ موقعو فراهم ڪيو آهي هن چين پاڪستان اقتصادي راهداري فريم ورق تحت چين جي تعاون ڪرڻ تي ٿورا مڃيا وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ کي عوامي جمهوريه چين جي 70هين قومي ڏينهن تي مبارڪون ڏنيون هن پنهنجي ۽ وفد جي شاندار استقبال تي چيني صدر جا ٿورا مڃيا ملاقات ۾ چين جي صدر گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران چين پاڪستان گڏيل لاڳاپن تي وزراعظم عمران خان جي خطاب کي ساراهيو هن چيو ته ٻئي ملڪ ويجها دوستاڻا لاڳاپا رکن ٿا ۽ مختلف شعبن ۾ هڪٻئي سان تعاون ڪن ٿا هن کان اڳ وزيراعظم عمران خان جي آمد تي چين جي صدر وزيراعظم ۽ ان جي وفد جي شاندار آجيان ڪئي گذريل ڏينهن چيني وزيراعظم سان ملاقات ۾ پاڪستاني وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ ان جي حڪومت جي پهرين ترجيحي آهي ڇو ته هي منصوبو پاڪستان جي اقصادي ترقي ۽ علائقائي خوشحالي جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ اهميت وارو آهي. هن وزيراعظم لي ڪي کي سي پيڪ جي منصوبن کي تيزي سان عمل ۽ گوادر ۾ ترقي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *