پاڪستان سان سيريز کيڏڻ ۾ بي سي سي آءِ کي نه پر مودي سرڪار کي مسئلو آهي: شاهد آفريدي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان سيزير بورڊ آف ڪرڪيٽ ڪنٽرول ان انڊيا( بي سي سي آءِ) جو نه پر مودي سرڪار جو مسئلو آهي. ڪراچي جي ايڌي هوم ۾ ٽرافي جي پڌرائي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته انگلينڊ ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي دوران پاڪ ڀارت ميچ کيڏڻ ضرور ويندس. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز ضرور ٿيڻ گهرجي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيريز جي لاءِ بي سي سي آءِ کي نه ڀارتي کي مسئلو آهي. ان کان اڳ شاهد آفريدي آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي سان گڏ ايڌي هوم کارادر پهچي بلقيس ايڌي ۽ فيصل ايڌي سان ملاقات ڪري سندس خيريت معلوم ڪئي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *