پاڪستان دهشتگردي جي سمورن بزدلاڻين ڪاررواين جي مذمت ڪري ٿو: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته اهو افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي چاهي ٿو ۽ ان هميشه افغانستان ۾ مضبوط ۽ جمهوري نظام جي حمايت ڪئي آهي ۽ دهشتگردي جي سمورن بزدلاڻين ڪاررواين جي مذمت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان قاضي خليل الله خميس ڏينهن هتي پنهنجي هفتوار پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته اسان افغانستان جي حڪومتجي ويجهي سهڪار سان دهشتگردي خلاف جنگ جا خواهشند آهيون. افغان صدر اشرف غني جي پاڪستان خلاف ريمارڪس بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته اهي ريمارڪس حقيقي معنيٰ ۾ غلط آهن. هن چيو ته اسان افغانستان سان بهتر ناتن جي عزم تي قائم آهيون ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ افغان حڪومت سان سهڪار ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته پاڪستان چين ۾ تازو طالبان ۽ افغان حڪومت جي نمائندن وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪئي هئي. انگور اڊا گيٽ جي ٿيل تازي واقعي بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته آءِ ايس پي آر پاران ان حوالي سان نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته انگور اڊا گيٽ وٽ افغانستان طرفان ننڍن هٿيارن جون گوليون هلايون ويون هيون جنهن سبب 2 پاڪستاني سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا. پرڏيهي ترجمان چيو ته آءِ ايس پي آر مطابق پاڪستاني فورسز جوابي ڪاروائي ڪئي ۽ انهن پوزيشن کي نشانو بڻايو جتان فائرنگ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته انگور اڊا گيٽ پاڪستان جي سرحد اندر ئي تعمير ڪيل آهي ۽ ان حوالي سان پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڪا به سرحدي خلاف ورزي نه ٿي آهي. هن چيو ته علائقائي استحڪام خاص طور تي افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي ۽ تحفظ ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ افغانستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته افغان گهرو وزير جو پاڪستان جو رٿيل دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪنهن ڇڪتاڻ سبب نه پر افغانستان جي اندروني صورتحال سبب ملتوي ٿي ويو آهي. هڪ ٻي سوال جو جواب ڏيندي ترجمان تصديق ڪئي ته پاڪستان جي حڪومت ايم ڪيو ايم ذريعي پاڪستان جي ملڪي معاملن ۾ ڀارتي ڳجهي اداري ”را” جي ملوث هئڻ جي حوالي سان بي بي سي جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ برطانوي اختيارين سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته ان حوالي سان پرڏيهي آفيس طرفان موڪليل درخواست تي برطانوي حڪومت طرفان ان حوالي سان اڃا تائين ڪو جواب نه آيو آهي. قاضي خليل الله هڪ سوال تي چيو ته گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان جي مستقل سفير ڊاڪٽر مليحه لوڌي پرڏيهي آفيس سان معمول جي صلاح مشوري ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف طرفان گڏيل قومن جي سيپٽمبر ۾ رٿيل دوري جي معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پاڪستان آيل آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن واري اداري جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته گڏيل قومن جي اداري جي قيام جي 70 هين سالگره سبب سيپٽمبر جو مهينو نهايت اهم آهي. پاڪستان جي دفاعي تجزئي نگار زاهد حامد جي گرفتاري ۽ سزا بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان اڃا تائين ان سزا بابت تصديق نه ڪئي وئي آهي تنهن هوندي به سعوديس سفارتخاني آگاهي ڏني آهي ته زاهد حامد کي جون جي شروع ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ان کان پوءِ سفارتخانو قونصلر رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب جي مقامي انتظاميه سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اسان زاهد حامد جي سزا بابت تصديق جي انتظار ۾ آهيون. هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته اڃا تائين پاڪستان توڙي ڀارت ٻنهي پنهنجن وزيراعظمن وچ ۾ ٻه طرفي ملاقات بابت ڪا دلچسپي نه ڏيکاري آهي جيڪي جولاءِ جي ٻئين هفتي ۾ اوفه ( جمهوريه بشڪورتستان) ۾ ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم ۽ برڪس جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روس ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *