پاڪستان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پــُرعزم آهي: آرمي چيف

لنڊن(م.ڊ) آرمي چيف، لنڊن ۾ رائل ملٽري اڪيڊمي ۽ رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊينز جو دورو ڪيو، جنرل راحيل شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پــُرعزم آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف برطانوي دوري دوران لنڊن ۾ ملٽري اڪيڊمي سينڊهرٽ ۽ رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽيڊيز جو دورو ڪيو. ان دوران آرمي چيف، سڪيورٽيءَ بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪيو ۽ دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي عــَزم جو ورجاءُ ڪيو. رائل ملٽري اڪيڊمي جي دوري دوران خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪستاني ڪيڊٽس ٽيم ليڊر بڻجن ۽ ملڪ لاءِ نالو ڪمائين. جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پــُرعزم آهي. پاڪستان هاءِ ڪميشن پاران آرمي چيف جي مان ۾ ڊنر تقريب به منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي معزز شخصيتن، برطانيه ۽ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن به شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته پشاور سانحي کانپوءِ سڄي سياسي قيادت متحد ٿي وئي آهي. آرمي چيف چيو ته دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري آهن ۽ وڏي علائقي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *