پاڪستان دنيا ۾ امن جو خواهشمند آهي، سدائين پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپا چاهي ٿو: شاھھ محمود قريشي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اقوام متحده هيڊ ڪوارٽر نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي سيڪريتري جنرل انتونيوگوتريس سان ملاقات ڪئي، شاهه محمود قريشي اسرائيلي فورسز پاران فلسطينين تي ظلم بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ معصوم عورتن ۽ ٻارڙن جي شهادتن تي جنرل سيڪريٽري کي آگاهي ڏني. هن چيو ته اسرائيل پاران فلسطين ۾ ظلم ڪيو ويو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ان بابت آگاهه ڏني اهي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن جو خواهشمند آهي، پاڪستان سدائين پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپا چاهي ٿو، ڳالهين جي لاءِ ماحول سازگار بنائڻ جي ذميواري هندستان تي لاڳو ٿئي ٿي سڀني مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *