پاڪستان خير سگالي جذبي تحت 36 ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان خير سگالي جذبي تحت 36 ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي واهگها بارڊري ذريعي پنهنجي ملڪ روانا ٿي ويا، جمع تي خير سگالي جذبي تحت 36 ڀارتي مهاڻن کي ملير جيل ڪراچي مان آزاد ڪيو ويو، جن کي لاهور لاءِ روانو ڪيو ويو، جتان تمام مهاڻا واهگا بارڊر ذريعي نهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا، مهاڻن ٻڌايو ته اسان حڪومت پاڪستان جا احسان مند آهيون جو هن اسان کي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني، اسان ڀارتي حڪومت کي به درخواست ڪريون ٿا ته گرفتار پاڪستاني مهاڻن کي آزاد ڪيو وڃي، ڇو ته مهاڻا تمام غريب ماڻهو هوندا آهن ۽ انهن جو دارمدار مڇي مارڻ تي هوندو آهي. واضح رهي ته 6 مهينا اڳ به پاڪستان 153 قيدين کي آزاد ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *