پاڪستان خيرات وٺي ڪورونا جو مقابلو ڪري رهيو آهي: ن ليگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان خيرات وٺي ڪورونا جو مقابلو پيو ڪري جڏهن ته اين سي او سي ناڪام ٿي چڪو آهي ڇو ته کيس اِها خبر ئي ناهي ته ڪرڻو ڇا آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته براڊ شيٽ جو اسڪينڊل آيو ۽ فائلون غائب ٿي ويون، نيب عدالتن ۾ ڪيمرائون هنيون ۽ ماڻهن کي ڏيکاريون. هن چيو ته بدنصيبي سان نيب هڪ آمر بڻايو جيڪو هن وقت تائين قائم آهي جڏهن ته نيب جو ڪم سياستدانن کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي، ان ڪري مخالف ڌر کي دٻائڻ جي لاءِ قائم ٿيو ۽ اِهو ئي ڪم پيو ڪري ان ڪري هاڻ يا ته نيب رهندو يا ملڪ ڇو ته ٻئي گڏ نٿا هلي سگهن. شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سنجيده معاملو آهي ۽ سال ٿي ويو پر پاڪستان ڪورونا وائرس تي ضابطي ناهي آڻي سگهيو، هڪ سال اڳ جيڪا فوتگين جي شرح هئي اڄ پاڪستان ۾ ان کان وڌيڪ آهي، ٻين ملڪن جي پاليسي ۾ پهتريون نڪتو ئي ماسڪ پائڻ جو آهي ۽ پاڪستان ۾ ماسڪ پائڻ 13 هون نقطو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي معيشت تباهه ٿي چڪي ته اسان کي خبر آهي پئي ته ناڻي وارو وزير نالائق هو، اين سي او سي ناڪام ٿي چڪي ڇو ته هن کي خبر ئي ناهي ته ڪرڻو ڇا آهي، اين سي او سي جي 16 نڪتن مان هڪ جاءِ به ويڪسين جو ذڪر ناهي، ويڪسين جو ذڪر ان ڪري ڇو ته ڪرپشن ويڪسين ۾ ٿي رهي آهي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن ڪورونا وائرس جو هڪ به ٽُڪو نه خريديو، پاڪستان خيرات وٺي ڪورونا جو مقابلو پيو ڪري، ملڪ ۾ ماڻهن کي ڪورونا جي ويڪسين نه پئي ملي، پر اُهي ڪير آهن جن کي ويڪسين هنئي پئي وڃي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت ڪرونا وائرس جي ويڪسين خريد نه ڪئي پر چين هي ويڪسين تحفي طور ڏني آهي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته اپوزيشن گهر ڪندي رهي آهي ته حڪومت ڪرونا وائرس جي وبا تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪري، اپوزيشن گهر ڪئي ته حڪومت ڪرونا ويڪسين جو انتظام ڪري احسن اقبال چيو ته حڪومت ڪرونا وائرس جي خيرات جي پٺيان ڀڄندي رهي هن ڪرونا وائرس جي ويڪسين خريد نه ڪئي پر چين تحفي طور ڏني هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٻاهرين ملڪ مان ايندڙ ماڻهن جي ڪري ٻيهر ڪرونا وائرس پکڙيو آهي. احسن اقبال چيو ته ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل استاف لا3 ويڪسين جو انتظام ناهي ڪيو ويو (ن) ليگ جي اڳواڻ چيو ته جنهن ملڪ جي وزيراعظم ايس او پيز تي عمل نه ڪري ان ڏس ۾ عوام کان ڪيئن اميد ڪري سگهجي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *