پاڪستان خلا، ميوزمز ۽ زراعت جي شعبي ۾ گڏيل عرب امارات سان تعاون ۾ اضافو چاهي ٿو: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان خلا، ميوزمز ۽ زراعت جي شعبي ۾ گڏيل عرب امارات سان تعاون ۾ اضافو چاهي ٿو عرب ميڊيا رپوريٽ موجب فواد چورڌي چيو ته اسان ميوزم ۽ مستقبل جي حڪمت عملي ٺاهڻ جا خواهشمند آهيون تنهن ڪري اسان انهن معاملن تي يو اي اي سان ڪم ڪري رهيا آهيون فواد چوڌري خليج ٽائمز جي آفيس جي دوري تي چيو ته يو اي اي تازو ئي اسپيس يونيورسٽي کولي آهي ۽ اسان گڏيل عرب امارات سان خلا جي شعبي ۾ به سهڪار چاهيون ٿا هن چيو ته اسان 2022 ۾ خلا ۾ پنهنجو پهريون انساني مشن موڪلڻ جي تياري ڪري رهياآهيون ان لاءِ مان چاهيان ٿو ته گڏيل عرب امارات جي اسپيس يونيورسٽي پاڪستاني يونيورسٽين سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪري. جولاءِ 2019 ۾ فواد چوڌري اعلان ڪيو هو ته پاڪستان 2022 ۾ خلا ۾ پنهنجو پهريون خلاباز موڪليندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *