پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ 8 سال لڳندا: نجم سيٺي

فيصل آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم جو ٻيڙو گذريل پندرنهن سالن کان غرق ٿي رهيو آهي ان کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ وڌيڪ 8 سال لڳندا يعني ايندڙ هڪ نه پر 2 ورلڊ ڪپ ايونٽس ۾ پاڪستان جو الله ئي واهي آهي نجي هوٽل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نجم سيٺي پاڪستان ڪرڪيٽ تي اهڙو حيران ڪندڙ بيان ڏنو جو سڀني جا حواس خطا ٿي ويا هن چيو ته ڪرڪيٽ ۽ ٽيم سن 2000ع کان تباهي جو شڪار آهي ۽ انهن مان هينئر ڪا خير جي اميد نه ٿي لڳائي سگهجي، صرف ايترو ئي نه پر پاڪستان ڪرڪيٽ جي ڊان ايندڙ 2 ورلڊ ڪپ ايونٽس تائين خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ خرابيون ۽ خاميون ايتريون آهن جو انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ 7 کان 8 سال لڳي سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *