پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم سيپٽمبر ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي لاءِ زمبابوي ويندي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم سيپٽمبر ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي لاءِ زمبابوي ويندي، ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊن وچ ۾ مامرا طئه ٿي ويا آهن. خابرو اداري جي رپورٽ موجب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سيپٽمبر جي آخر ۾ زمبابوي پهچندي جتي هوءَ 3 ون ڊي انٽرنيشنل ۽ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏيندي. زمبابوي جي دوري کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۽ انگلينڊ وچ ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جي سيريز کيڏي ويندي. واضح رهي ته پاڪستان آگسٽ ۾ زمبابوي ۽ ويسٽ انڊيزسان ٽِه ملڪي سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو. پي سي بيءَ پاران پاڪستان زمبابوي سيريز جي شيڊيول جو جلد اعلان ڪيو ويندو. هوڏانهن زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ پاران پاڪستان جي دوري جو به باضابطه اعلان ڪيو ويو آهي، زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ زمبابوي ٽيمن وچ ۾ 25 سيپٽمبر کان 30 سيپتمبر تائين 2 ٽي ٽوئنٽي جڏهن ته پهرين آڪٽوبر کان 5 تائين 3 ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون. زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ ويسٽ انڊيز کي الڳ دوري جي دعوت ڏيڻ جي به تصديق ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *