پاڪستان جي پهرين ترجيح يمن معاملي تي ٽياڪڙي ڪرڻ آهي: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان جي پهرين ترجيح يمن معاملي تي ٽياڪڙي ڪرڻ آهي، پارليامينٽ جيڪو به فيصلو ڪيو حڪومت ان تي ئي عمل ڪندي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته فوج جي به اهائي ترجيح آهي ته يمن معاملي تي ٽياڪڙي ڪئي وڃي. هن چيو ته سعودي عرب جيڪا به مدد گهر معاملو پارليامنٽ ۾ رکيو. بچاءَ واري وزير چيو ته يمن معاملي تي ترڪي سميت ٻين ملڪن سان رابطا جاري آهن. هن چيو ته سعودي  عرب جي علائقائي سالميت جو معاملو پراڻو آهي. خواجه آصف جو چوڻ هو ته هن عمران خان ۽ سندس پارٽي خلاف ايوان ۾ ڪو به غير پارلياماني لفظ نه ڳالهايو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *