پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي وزير نه هئڻ سبب مونجهارن جو شڪار آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي سان دنيا ۾ وڏي تبديلي ايندي، راءِ ايجنڊ طور تي پڪڙيل تل ڀوشن حاضر سروس ڀارتي فوجي آفيسر هو، مستقل پرڏيهي وزير نه هجڻ سبب اسان ڀارت جو ڀيانڪ چهرو دنيا کي نه ڏيکاري سگهياسين جيڪا پرڏيهي پاليسي جي وڏي ناڪامي آهي، تحريڪ انصاف جو قانون انصاف ڪميٽي ۾ نه اچڻ، حيرت جي ڳالهه آهي، خبر ناهي ته ڪهڙي راند کيڏي رهي آهي، عمران خان جو پارلياماني تجربو ناهي ۽ نه ئي سياست جو ان لاءِ هو هن وقت تائين پارليامان جي اهميت کي نه سمجهي سگهيو آهي، سيد خورشيد شاهه پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي سان سڄي دنيا ۾ وڏي تبديلي ايندي، پاڪستان سميت سڄي دنيا کي پنهنجي پرڏيهي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، هن چيو ته صدارتي چونڊن جي ان تبديلي جو اثر اندروني طور تي آمريڪا ۾ به ٿيندو ۽ سڄي دنيا متاثر ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *