پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڪامياب شروعات،بنگلاديش کي پهرين ميچ ۾ 55 رنسن تان مات، آفريدي ميچ جو هيرو قرار

ڪولڪتا(م.ڊ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ڪاميابي سان شروعات ڪندي پنهنجي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش کي 55 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي، ڪپتان شاهد آفريدي کي آل رائونڊ ڪارڪردگي تي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو، ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز جي ميدان تي پاڪستان جي 201 رنسن جي جواب ۾ بنگلاديش جي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 146 رنسون ٺاهي سگهي،محمد عامر اٿندي ئي بنگلاديش جا ان وقت ترا ڪڍيا، جڏهن هن اننگز جي پهرين ئي اوور ۾ سوميا سرڪار کي ڪلين بوڊ ڪيو، ان کانپوءِ بنگلاديش جون وڪيٽون ساهي ساهي سان ڪرنديون رهيون، شاهد آفريدي بيٽنگ کانپوءِ بالنگ ۾ به بنگالي ٽائيگرز لاءِ ڊيڄاريندڙ خواب بڻيو، هن بنگلاديشي اوپنر تميم اقبال ۽ کي 24 ۽ شبير رحمان کي 25 رنسن تي پويلين موٽائي مخالفن جي چيلهه ڀڄي ڇڏي، آفريدي جي اهڙي ايذاءَ آخر تائين بنگالين کي پاڻ سنڀالڻ نه ڏنو، ان دوران محمود الله کي عماد وسيم آئوٽ ڪري بنگلاديش کي وڌيڪ دٻاءَ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن سان پاڪستان جي ڪاميابي جا امڪان به وڌيڪ چٽا ٿيندا ويا، صورتحال خراب ڏسي شڪيب الحسن ۽ مشفيق الرحيم احتياط سان کيڏڻ شروع ڪيو، جنهن جو فائدو وٺندي پاڪستان ميچ تي پنهنجي پڪڙ ويتر مضبوط ڪري ورتي،ان دوران مشفيق الرحيم به 18 رنسون ٺاهي محمد عامر جو شڪار ٿي ويو، جيتوڻيڪ شڪيب الحسن فٽي هڻي ناٽ آئوٽ رهيو پر ٽيم کي ناڪامي کان نه بچائي سگهيو،اهڙي ريت بنگلاديش جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 146رنسون ٺاهي سگهي ۽ پاڪستان 55 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ورتي،ان کان اڳ پاڪستان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو بيٽسمينن صحيح ثابت ڪري ڏيکاريو، جنهن ڪري قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 200 رنسن جو حدف پار ڪيو، اوپنر شرجيل خان ۽ احمد شهزاد دونهيندار شروعات ڪئي، جنهن کانپوءِ رهيل ڪسر اچي محمد حفيظ ۽ شاهد افريدي ڪڍي، شرجيل خان 10 بالن تي 2 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته احمد شهزاد ففٽي هڻي موٽيو، هن 39 بالن تي 8 چوڪن جي مدد سان 52 رنسون ٺاهيون، ان کانپوءِ محمد حفيظ اچي باهه ٻاري ۽ بنگالي بالرن کي دل تي ڪٽيو، محمد حفيظ به ففٽي هڻي ساهه پٽيو، هن 42 بالن تي 7 چوڪن ۽ٻن ڇڪن جي مدد سان 64 رنسون ٺاهيون پر بائونڊري تي سوميا سرڪار شاندار ڪيچ پڪڙي کيس پويلين موٽايو، ان موقعي تي وري شاهد آفريدي روايتي دونهيندار اننگز کيڏي ۽ ميدان جي چئني پاسي اسٽروڪ هڻي بنگالين کي وائڙو ڪري ڇڏيو، قومي ٽيم جو ڪپتان ففٽي کان رڳو هڪ رنس پهرين 49 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو،سندس 19 بالن تي کيڏيل اننگز ۾ 4 چوڪا ۽ 4 شاندار ڇڪا شامل هئا، شعيب ملڪ به آخر ۾ اچي پاڻ ملهايو ۽ 7 بالن تي ٻن چوڪن جي مددد سان 12 رنسون ٺاهي ناٽ آائوٽ رهيو،اهڙي ريت پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنسون ٺاهيون، بنگلاديش طرفان تسڪين احمد ۽ عرفات سمي 2-2 وڪيٽون ورتيون، واضح هجي ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان پهريون ڀيرو 200 کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *