پاڪستان جي نيوزيلينڊ واري دوري جو شيڊول جاري

آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي نيوزيلينڊ واري دوري جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، جنهن دوران 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيوڊ وائٽ موجب پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاران جاري ڪيل شيڊول موجب ٻنهي ٽيمن وچ ۾ دوري جي شروعات 15 جنوري تي ٽي ٽوئنٽي ميچ سان ٿيندي، ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ 17 ۽ ٽين 22 جنوري تي کيڏي ويندي، شيڊول موجب پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي ميچن جي سيريز 25 جنوري کان ويلنگٽن ۾ شروع ٿيندي، ٻي ون ڊي ميچ 28 جنوري تي نيپيئر ۽ ٽين 31 جنوري تي آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي. اهڙي ريت نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ آسٽريليا ۽ سريلنڪا خلاف به پنهجي فيوچر ٽوئر جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *