پاڪستان جي معياري فلمن لاءِ پرڏيهي مارڪيٽون ڳولڻيون پونديون: ماهرا خان

لاهور(شوبز نيوز) مشهور اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ معياري فلمون ٺهي رهيون آهن، انهن جي نمائش لاءِ اسان کي غير ملڪي مارڪيٽون ڳولڻيون پونديون.هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ماهرا خان چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني فلمن کي مقامي ٻولين ۾ پيش ڪيو ويو ته سون تي سهاڳي وارو ڪم ٿي ويندو.هن اهو به چيو ته اسان کي پنهنجي فلم انڊسٽري جي ترقي ۽ ان کي هٿي ڏيارڻ توڙي مارڪيٽنگ لاءِ ٻاهرين ملڪن جي سفارتخانن جي مدد وٺڻ گهرجي ۽ ان لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي ان کي اهو ٽاسڪ ڏنو وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *